Saturday, May 2, 2015

سنڌ ترقي پسند پارٽي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي جي يوم مئي 2015 تي ڪيل تقرير

اسٽيج تي ويٺل سنڌ ترقي پسند پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ ، ھن جلسي ۾ شريڪ منھنجا ڀائرو ، ڀينرون ، شاگرد ، صحافي ، دانشور سميت سمورا سنڌيو
جيئي سنڌ
اسان ماڻھو اھڙي جھان ۾ رھون ٿا. جنھن ۾ اسان جون خوشيون، خواھشون ، مرضيون، پنھنجي تاريخ جوسچ  ان قسم جي ڪا ڳالھ اسان جي پنھنجي زندگي ۾ شامل ڪانه آھي. اھا انڪري شامل ڪانھي جو اسان پنھنجي زندگي  ٻٽي غلامي۾ ڀوڳيون ٿا. ۽ غلام ماڻھو جي ڪا به پنھنجي مرضي خواھش نه ھوندي آھي. غلام ماڻھو خوشي به اھا ملھائي سگھندو آھي جيڪو دائرو ھن جو آقا ڪڌي ڏيندو آھي. غم ۽ ڏک به ان جا علامتي ڪردار بنجي ويندا آھن.ان ۾ ڏک به ھر فرد جو انفرادي ڏک ھوندو آھي. گھر ۾ ويھي ڏک جا ڳوڙھا ڳاڙي بک ۾ پنھنجي پيٽ ۾ گوڏا ۽ ٺونٺيون ڏئي ٻيڻا ٽيڻا ٿي ڪنھن کٽ جي پائي کي ڪنھن ٿوڻي کي ڀاڪر پائي روئيندو آھي  پر اھو ڏک به قومي اجتماعي ڏک جو روپ اختيار نٿو ڪري.
منھنجا ڀائرو
پھرين مئي اھڙو ڏينھن آھي. جنھن 1886 کان پوءِ سڄي دنيا جي محنت ڪش پورھيت ھاري ۽ عام ماڻھو جي زندگي تي تمام گھڻا اثر ڇڏيا آھن. توھان کي خبر ته جئين ڦيٿي جنم ورتو ان دنيا کي تبديل ڪيو ڦيٿي جي اچڻ جي ڪري  گاڏيون ٺھيون، موٽرون ٺھيون، ڪارخانه ٺھيا، ريل ٺھي، بس ٺھي، ائين دنيا ۾ ترقي جو نئون آغاز ٿيو. اسان ماڻھن پنج ھزار سال اڳ ڍڳي گاڏي ايجاد ڪري اسان ڦيٿو ٺاھي ورتو ھو، پر اسان جي اھا ايجاد صرف ڍڳي گاڏي تائين محدود رھي ۽ صرف چار ٻوريون کڻڻ جي اھڃاڻ تائين محدود رھي. پر ان ايجاد تان دنيا جي ٻين ملڪن وڌيڪ جديد ڦيٿي کي ايجاد ڪري سڄي دنيا جي ھيت کي تبديل ڪري ڇڏيو جڏھن جاگيردار دنيا جي اندر بادشاھتون قائم ڪيون ته انھن بادشاھتن جي پاڇي ھيٺ پلجندڙ ننڌا ننڌا جاگيردار جن کي رعايتن ۾جاگيرون ڏنيون ويون. گھڻو ڪري  اھي بادشاھن جي خاندانن جا فرد ھئا، ڪو ڪنھن جو سالو ھو ڪو ڪنھن جو ڀيڻيويو ھو،ڪو ڪنھن جو ڀائيٽو ھو، ڪو ڪنھن جو ڀاڻيجو ھو ائين بادشاھن طرفان اھي جاگيررون چنڊ فردن کي ڏنيون ويون، اھي جن جن علائقن ۾ اھي ويا انھن علائقن ۾ انھي بادشاھيت رياست جي طرفان ٻه ٽي سئو ھٿياربند، سپاھي، تلوارن وارا بندوقن وارا باروڊ وارا انھن جي حوالي ڪيا ويا. پوءِ جيڪي عوام جون ذاتي ملڪيتون ھيون اھي قبضي ھيٺ ٿينديون ويون. ڪنھن جو پنج ايڪڙ کيٽ ھو  اھو قبضي ٿي ويو. ڪنھن جو پاڻي جو کوھ يا تلاءِ ھو ته اھو قبضو ڪيو ويو. ڪنھن وٽ پنج گھوڙا ڍڳيون مينھنيون ھيون ته اھي قبضي ھيٺ اچي ويون. ائين قبضي گيري جو ھڪ تسلسل دنيا جي ھيٺ شروع ٿيو پوءِ جڏھن لٽ ڦڙ مان پئسو گھڻو جمع ٿيو ته اھو پئسو انھي جديد تحقيق جستجو کي جنم ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ ھي ڪارخانا دنيا ۾ وجود ۾ آيا. جڏھن ڪارخانا ٺاھيا ويا. ته ان جا مالڪ گھڻا اھي ساڳيا جاگيردار ھئا ڇو ته يورپ آمريڪا کان شروعات ٿي. اتي اھي جيڪي جاگيردار ھئا جيڪي بادشاھن جا نورنظر ھئا انھن کي اھا اضافي لٽ ڦڙ جي ملڪيت ڏئي انھن کي ڪارخانا لڳرايا ويا ۽ انھن جي علائقن ۾ جيڪي ماڻھو ڪم ڪار ڪندا ھئا. اھي غلامن جي شڪل ۾ ٿي انھن جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪار جي لاءِ ويندا ھئا، ان وقت ڪو به پئسو مقرر ڪونه ھو. ڪا به پورھيت جي قيمت مقرر ڪانه ھئي .  نه وقت مقرر ھو جيترو انسان ڪم ڪري سگھيو ٿي  جيڪڏھن ڪنھن ماڻھو ۾ طاقت 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي ھئي  ته ان کان 18 ڪلاڪ بنا وقفي جي ڪم ورتو ويندوھو، باقي صرف ڇھ ڪلاڪ ھن کي ان لاءِ ڏنا ويندا ھئا ته جئين ھو ٻئي ڏينھن جي ڪم ڪار جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگھي. ڪڏھن ڪڏھن لالچ حرص ۾ ورتل اھي سرمائيدار چويھ چويھ ڪلاڪ ڪم وٺندا ھئا، جنھن سبب پورھيت طبقو مسلسل ڪم جي ڪري کاڌو آرام صحيح نه ملڻ جي ڪري بيمار ٿي تڙپي تڙپي مري ويندا ھئا اھي لاش کڻي کڏن ۾ دفن ڪيا ويندا ھئا. ان قسم جي مزدور جي حالت ھئي ائين انھي مزدور جي پويان غنڊا ڄاٻڪ کڻيو بيٺا ھوندا ھئا جي اھي ڪم ۾ ٿوري سستي ڪندا ھئا ته انھن کي تشدد جو نشانو بنايو ويندو ھو. ان وقت مشينون ايتريون ائڊوانس نه ھيون مثلن سمنڊ ۾ ھلندڙ ٻيڙا انھن ۾ ايڏيون وڏيون انجڻيون ڪونه ھيون پر اھي وڏا جنگي يا مال بردار ٻيڙا انسان ھلائيندا ھئا، ساڳي طرح ڪارخانن ۾ مزدور ڪم ڪندا ھئا مشينون ايتريون جديد نه ھيون انھن کي انساني سگھ ھلائيندي ھئي. اڄ ته جديد دور ۾ ٻه ڪمپيوٽر  پنج ھزاز مزدور جي ڪم صرف چار ڪمپيوٽر آپريٽر ھلائين ٿا. ته ڪارخانا ائين جدت اختيار ڪري جديد شڪل ۾ پھتا آھن. ته دنيا کي تبديل ڪندڙ پھرين طاقت ڦيٿو ھو ته ٻي طاقت ھن جديد دنيا کي پھچائيندڙ ڪمپيوٽر آھن ته ھي انھي زماني جي ڳالھ آھي  جڏھن مزدورن کي صرف پئسو ڪمائڻ جي مشين سمجھيو ويندو ھو. ۽ ان جي سرمائيدارن سمجھيو پئي ته اسان جا پئسا اسان جي دولت  اسان جو سڀ ڪجھ  ايترو ڪافي ناھي اسان جي نفعي جي لاءِ ضروري آھي ته انساني پورھيو اھو به اضافي قيمت اضافي قدر جيڪو آھي اھو انساني پورھيو ڏياري سگھندو آھي. پوءِ جڏھن ڪارخانا لڳا مزدور  اچي ويا ته پوءِ انھن ڪارخانن کي ھلائڻ جي لاءِ جنھن ڪچي مال جي ضرورت ھئي جنھن ۾ اناج جي لاءِ ھنن جيڪي سرسبز زرخيز زمينون پنھنجي فوجي طاقت دٻدٻي سان قبضي ھيٺ آنديون ھنن جديد ھٿيارن سان ليس فوج جي ذريعي دنيا کي قبضي ڪرڻ جي لاءِ نڪري پيا. ائين قبضا ڪندي  جتي زمينون سرسبز ھيون جتي پاڻي جا وھڪرا ھئا جتي اناج ڀلو ٿيو ٿي انھن کي قبضن ھيٺ آندو ويو لاطيني آمريڪا جون زمينون، ايشيا جون زمينون  آفريڪا جون زمينون جيڪي تمام زرخيز زمينون  ھيون ۽ درياءِ جي وھڪرن سان گڏ ھيون انھن تي قابض ٿي ويا جئين انھن سرمائيدارن کي ڪچو مال ملي سگھي، ھنن وٽ ٻه طريقا ھئا يا ته پئسن تي ڪچو مال خريد ڪن يا وري انھن زرخيز زمين تي قبضو ڪن ھنن زمينن تي قبضا ڪري سڄي پيداور تي قبضو ڪري انھن مان پيدا ٿيندڙ اناج کڻي پنھنجي ڪارخانن ۾ مزدورن کي مشين وانگر ھلائي پنھنجي ڪارخانن کي ترقي وٺرائي اھڙين ڪارواين جي خلاف بغاوت ٿي.
1848 ۾ يورپ ۾  جتي جتي صنعت موجود ھئي اتي لٽ مار ڦڙ لٽ استحصال ۾ تيزي آئي  تئين انھي کي رد ڏيڻ جي لاءِ سماجي سياسي دانشور پيدا ٿيا جن انھن سرمائيدارن کي للڪاريو. انھن جي بدمعاشي کي للڪاريو  ته ھي جيڪو به پئسي ڪمائڻ جي لاءِ انساني زندگين کي ڪوئلي وانگر ساڙيو ماريو پيو وڃي  ان جي خلاف بغاوت جو علم کڙو ڪيو  ان تسلسل جي نتيجي ۾  آمريڪا ۾ شڪاگو جي شھر ۾ 1886 ۾ مزدور گڏ ٿيا انھن ھڙتال ڪئي انھن اعلان ڪيو ته اسان جو پورھئي جو وقت مقرر ڪيو اسان جو جيڪو اضافي ٽائيم آھي انھي جو الڳ معاوضو ڏيو اسان جي ٻارن جي لاءِ تعليم ڏيو، جيڪي سرمائيدار نفعو ڪمائين ٿا انھي نفعي مان مزدورن کي به بونس حصو ڏنو وڃي  اھا جيڪا تحريڪ ھلي ان وقت دنيا ۾ انقلابن جو تصور اڃان چٽو نه ٿيو ھو  قبيلائي سرداري شڪل ۾ جنگيون ھيون ڌارين ڀرمار خلاف سامراجي قوتن جي خلاف  لاطيني آمريڪا ۾ ورھيا پئي يورپ ۾ ويڙھ ٿي پئي آئرلينڊ جا ماڻھو وڙھيا پئي جرمن ۾ وڙھيا پئي، ايشيا ۾وڙھيا پئي پر ھي جيڪا جديد انقلاب جي شڪل آھي، ڳاڙھو رنگ جيڪو انقلاب جو نشان آھي اھو 1886 ۾ انھن نڪرندڙ پورھيتن جي رت سان بڻيو آھي . ان وقت جيڪي مزدور نڪتا ھئا انھن جي ھٿن ۾ اڇا جھنڊا ھئا مطلب امن جو جھنڊو ھو انھن جھنڊن مان مراد اھا ھئي ته اسان توھان سان وڙھڻ نٿا چاھيون توھان جو نقصان نٿا چاھيون پر اسان صرف پنھنجا حق چاھيون ٿا. اسان اوھان جي ڪارخانن تي قبضا ڪرڻ نٿا چاھيون اسان کي صرف انساني حق ڏئي اسان جي ھٿن جي پورھئي جو قدر ڪيو وڃي. اسان کي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي.ته اسان پاڻ به عزت سان جيئون پنھنجي ٻارن ٻچن کي به بھتر نموني پالي سگھون. ان وقت سرمائيدارن سان اھي حڪومتون بادشاھتون انھن جي ڍال بڻيل ھوندا ھئا
1886 ۾ انھن پورھيتن تي گوليون ھلائي  انھن پورھيتن کي شھيد ڪري  زمينن تي ڪرايو ويو  پوءِ اھي اڇا جھنڊا انساني رت سان ڳاڙھا بنجي ويا. انھن جي رت سان سڄي دنيا ۾ ڳاڙھو رنگ آزادي انقلاب جو اھڃاڻ بنجي ويو آھي. اڄ اھو ڳاڙھو رنگ انھن سامراج ، سرمائيدار قبضي خورن جي خلاف بغاوت جو نشان بڻيل آھي. ان کان پوءِ سڄي دنيا جا انقلابي انھي ڳاڙھي رنگ جي نشان سان پنھنجي انقلابي تحريڪن کي اڳتي وٺي وڃي رھيا آھن
ساٿيو
انھي لٽ ڦڙ جي دور ۾  انگريز اسان جي زمين تي پھتو جڏھن. سنڌ ميرن جي حاڪميت ھيٺ ھئي سنڌ ھڪ آزاد خودمختيار رياست جي حثيت رکندڙ ھئي ان وقت ميرن جي صاحبي ۾ سنڌ ھڪ آزاد خطو ھو. ائين انگريز  سڄي دنيا مان ڪاھون ڪندا  ڪندا ھن گڏيل ھندستان ۾ پھتا جتان پوءِ ھنن سنڌ تي ڪاھ ڪئي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ کانپوءِ انھن سنڌ کي پنھنجو غلام بنايو.سنڌي پنھنجي جنگ بنا جديد ھٿيارن جي وڙھي ،ان وقت سنڌين وٽ نه جديد جنگي ٽرينگ ھئي نه افرادي قوت ھئي نه منظم فوج ھئي جنھن جي ڪري سنڌين اھا جنگ ھارائي. انگريزن جو قبضو ٿيو. پوءِ جيڪي به بجلي، ريلوي نظام سميت جيڪا ترقي ڏسو پيا اھا سڀ انگريزن ڪرائي انگريزن انڪري نه ڪرائي ھئي ته ھو ڪو ماڻھن کي سھولت ڏيندا ته ڪو ھاڻي لاڙڪاڻي جو جيڪو اناج آھي ساريون ڪارخاني شھدادڪوٽ ۾ پھچن ٿيون اھي ھاڻي ھنن جي منڊي ۾ڪئين پھچن، سکر ۽ خيرپور ۾ جيڪا ڪپھ پيدا ٿئي ٿي  اھا انھن جي ڪارخانن تائين ڪئين پھچي ٿرپارڪر ۾ جيڪو برساتن ۾ جيڪو اضافي اناج پيدا ٿئي ٿو اھو انھن جي قبضي ۾ ڪئين ايندو ان بنياد تي ھنن اھا ريلوي لائين وڇائي ان لاءِ ئي فوجي نظام آندو ويو جنھن کان پوءِ سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن پنھنجي شناخت حق حاڪميت کان محروم ٿيا. ته ھاڻي جيڪو ھي پھرين مئي جو تسلسل آھي ان ۾ اھو آھي ته ان جدوجھد کان پوءِ ان قرباني کان پوءِ سڄي دنيا جي اندر سرمائيدارن جي لاءِ دنيا سوڙھي ٿي. دنيا ۾ انقلاب جي ھلچل شروع ٿي وئي، مارڪسزم جيڪو مزدورن جو منشور ڏنو مارڪس ۽ اينگلس گڏجي جيڪو منشور ٺاھيو جنھن کان پوءِ دنيا جا مزدور ھڪ ٿي وڃو  ان نعري جي تحت ڪيميونسٽ تحريڪون ۽ سوشلست جدوجھد ۽ سرمائيدارن خلاف ھڪ وڏي ھلچل شروع ٿي وئي،جنھن جي نتيجي ۾ اھو ٿيو ته سرمائيدار مجبور ٿي ان پنھنجي لٽ ڦڙ استحصال ۾ گھٽتائي آندي. ان کي خبر ھئي ته جيڪڏھن آئون پنھنجي استحصال ۾ گھٽتائي نه آڻيندس ته ھاڻي مزدورن رڻ ٻاري ڇڏيو آھي ھي ڪارخانن تي قبضا ڪري وٺندا.۽ سڀاڻي منھنجو ڪجھ به نه رھندو. انڪري اٺ ڪلاڪ ٽائيم مقرر ٿيو. مزدورن جي ٻارن جي لاءِ اسپتالون ٺھيون. ان جي لاءِ اسڪول ٺھيا. انھن جي پڙھائي لاءِ وظيفا مقرر ٿيا. اور ٽائيم مقرر ٿيو بونس جو راوج آيو انشورنس  جو رواج آيو جئين ان سرمائيدار پنھنجي نفعي کي سڄي دنيا مان ڦڙي مال تي نفعو وڌيو ته ھن ان مان ڀڳڙن جي کلن جيان ڪجھ  حصيداري انھن مزدورن کي ڪرائي جنھن ڪري يورپ آمريڪا ۾ اھو ڪميونسٽ تحريڪن ۽ مزدورن جي ھلچل جو جو اثر گھٽجي ويو ۽ جيڪو ڪميونسٽ انقلاب جي جيڪا ڇپ  جي شڪل روس ۾ پئي اتي اڃان به بادشاھت قائم ھئي زار شاھي جي جبريت ھئي جنھن ڪري زار شاھي جي خلاف لينن يورپ ۾ ڪيل سڄي جدوجھد  روس ۾ پنھنجو ڪم ڏيکاريو
پوءِ جيڪو پھريون پرولتاري انقلاب مزدورن جو انقلاب  روس ۾ آيو ۽ روس سان گڏ رھندڙ جيڪي ننڌيون ننڌيون رياستون ھيون انھن گڏجي سويت يونين ٺاھيو ۽ سڄي دنيا جي اندر پھريون مثال قائم ٿيو ته ڪنھن وڏي سرمائيدار  ڪنھن بادشاھ ڪنھن وڏي آقا ۽  تونگر کان سواءِ ھي غريب  ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت ھٿوڙا ھڻندڙ مزدور اھي به حڪومتون ٺاھي سگھن ٿا دنيا کي ھلائي سگھن ٿا. ۽ اھو سوويٽ يونين جو ڪامياب تجربو ھو جنھن 67 سال پورھيتن جي حاڪميت قائم رھي. ان حاڪميت جي ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آھن اھو وقت جي ڪمي سبب بيان نٿو ڪري سگھجي. پر سوويت يونين جي انقلاب سڄي دنيا جي مزدورن ۾ اتساھ پيدا ڪيو.سڄي دنيا ۾ جاگيرادر سامرجي قوتن جي خلاف ھلچل ھلي وئي پرمار سامراجي طبقن طاقتن خلاف آفريڪا آزاد ٿيو پوءِ لاطيني آمريڪا آزاد ٿيو  ائين ملڪ آھستي آھستي آزاد ٿيندا ويا. تان جو ھندو ستان به آزاد ٿيو
اسان وٽ سنڌ ۾ حقيقي معني ۾مزدور آھي ڪونه،اسان وٽ ڪارخانو اسان جو ڪونھي ھنيئر آصف زرداري  ٻه ٽي ڪارخانه ھنيا يا ڪي ٻه ٽي ڪاٺياواڙي ميمڻ ڪارخانا ھنيا آھن، پر ڪارخانا اسان وٽ ڌارين پرمار سان آيا  ھندو ڪارخاني دار ھو ان کي ڀڄايو ويو ھتان ملڪ ڇڏايو ويو. ڪنھن چينوٽ جي واپاري  ڪنھن پنڊي لاھور جي واپاري  ڪارخانا لڳايا يا جيڪي ڪارخانا اڳ ۾ ٺھيل ھئا انھن تي ھندوستاني سرمائيدار اچي قبضو ڪيو. انھن مقامي مزدورن کي نه رکيو انھن سمجھيو ٿي ته جيڪڏھن مقامي مزدور رکنداسين ته  يونين ٺھنديون مزدورن جي حقن جون تحريڪون ھلنديون. ڌاريون مزدور ايندو اھو موچڙي ۾ به صحيح ھوندو اھو چمچاگيري ۾ به سرمائيدارن جو ھوندو ۽ مقامي مزدور کي ڏنڊا به ھڻندو.ان جي ڪري ڌارين مزدور کي مزدور گھٽ پرغنڊي جي طور سرمائيدار پنھنجي ڪارخاني ۾ ڀرتي ڪيو. جنھن تي اھا ڊيوٽي آھي ته اھو مقامي مزدور کي ڏنڊا ھڻي ڀڄائي ڇڏي ته جئين مقامي مزدور اسُري نه سگھي.
منھنجا ڀائرو
سنڌي ماڻھو اسي سيڪڙو زراعت سان وابسطه آھي. انڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي  پنھنجي وجود ۾ اچڻ کان ھڪ گڏيل ٽرم اسان متعارف ڪرايو “ پورھيت”  پورھيت مطلب جيڪو ھاري  آھي زميندار وٽ ڪم ڪري ٿو جيڪو ھي آزاد ڇڙواڳ مزدور آھي جيڪو واڌو آھي جيڪو رازو آھي جيڪو ڪوڏر ھڻي ٿو جيڪو تغاري کڻي ٿو جيڪو لوھارڪو ڪم ڪري ٿو جيڪو ھوٽل تي ڪم ڪري ٿو جيڪو چڻا کپائي ٿو جيڪو گاڏو ڌڪي ٿو جيڪو ڪنھن بيڪري بٺي تي ڪم ڪري ٿو اھو به پورھيت جي کاتي ۾ جيڪو مزدور آھي ڪارخاني ۾ اھو به پورھيت آھي انھي ڪري اسان سمورن محنت ڪش طبقن کي حصن کي ملائي اسان پورھيت جو ٽرم تخليق ڪيو آھي ته اسان جي نظرئي ۾ اسان جي فلسفي ۾ اسان جي پارٽي جي نعري ۾ جيئي سنڌ جيئي پورھيت عوام شامل آھي. اسان انھن سمورن محنت ڪشن کي پورھيت جي کاتي ۾ گڏ ڪري منظم ڪري ھڪ انقلابي طاقت ۾ قوت ۾ تبديل ڪري سماج اندر حقيقي آزادي آڻڻ چاھيون ٿا.جئين اڳ ۾ چيو ويندو ھو ته انقلاب جو ھر اول دستو مزدور آھي ، ھاڻي جتي مزدور ناھين اتي انقلاب جو ھر اول دستو ڪير ٿيندو، چين ۾ مزدور ئي ڪونه ھئا اتي ته جنگي سردار ھئا چين ۾ ان کان پوءِ ڪوملتن اچي ويا جيڪي سردارن جا پاليندڙ ۽ پٺو اچي ويا اتي جاپان ڌارين سرمائيدار طور قبضي ۾ ھو پوءِ مائوزيتنگ جھڙي ڏاھي ماڻھو چيو ته ضروري ناھي ته اسان پورھيت کي ھر اول دستو بنائي انقلاب جي لاءِ تياري ڪريون.اسان وٽ جيڪو به محنت ڪش طبقو آھي ھاري آھي چاھي مزدور آھي چاھي سردارن جي گھرن ۾ فارمن تي ڪم ڪندڙ آھي اھو سڀ جو سڀ پورھيتن جي شڪل ۾ محنت ڪش جي شڪل ۾ اھو اسان جي انقلاب جو ھر اول دستو آھي انڪري ھن سمورن ھارين کي گڏ ڪري چين جي اندر انقلاب کي سمجھيو ۽ ان کي آندو اڄ سڄي چين جي اندر جيڪو سماجي سائنسي ۽ جيڪا معاشي ترقي  آھي اھا اوھان جي سامھون آھي ته جيڪي به قومن جا ليڊر ھوندا آھن اھي ڪتابن ۾ لکيل ڳالھين جي بنياد تي لڪير جا فقير ناھين ٿيندا. ليڊر ھميشه تخليقي صلاحيتن جا مالڪ ھوندا آھن،جيڪي دنيا جي محقق تاريخدان سائنسي سماجي فلسفن جون چيل ڳالھين جي ڏنل سياسي فارمولن ۽ سائنسي فارمولن جي روشني ۾ پنھنجي سماج جو تجزيو ڪري پوءِ فارمولو لاڳو ڪري ان آڌار تي ھو قوم وطن جي حق ۾ فيصلا ڪندا آھن ۽ نتيجا وٺندا آھن. اھوئي حقيقي انقلاب آھي، جيڪو ماڻھو لڪير جو فقير ٿي ھلندو اسان وٽ حالت اھا ھئي اسان جو اڳوڻو جيڪو نسل ھو مزدورن ۽ ڪميونسٽ سياست جي نالي ۾ لڪير جو فقير ھو. چيو ويندو ھو ته ھتي جون جولاءِ ۾ قھر جي گرمي ھوندي ھئي روس سائيبريا ۾ ماڻھو اور ڪوٽ پائي ھلندا ھئا ڇو ته اتي سردي رت ڄمائي ڇڏڻ واري سردي ھئي ادا ھاڻي جڏھن روس جا ماڻھو اور ڪوٽ پائين ٿا ته پاڪستان جا جيڪي پنجاب ۽ سنڌ جا ڪامريڊ ھئا اھي به اور ڪوٽ پائي ھلندا ھئا ته ڇو ته روس وارا انقلابي اھي پائيندا ھئا، ته ان جيڪا لڪير جي فقير واري روايت ۽ انڌي تقليد واري بغير سوچ سمجھ جي اڳين کي ڏسي انھي تي ھلڻ اھا ھوندي آھي سياست ۾ عقيدي پرستي. پوءِ عقيدي پرستي توھان جي دل روح ۽ نظرئي جي بنياد تي ھجي يا پگھار جي بنياد تي ھجي روبل ڊالر پائونڊ جي بنياد تي عقيدي پرستي ھجي  يا نظرياتي روحاني بنياد تي ھجي ته سياست ۾ عقيدي پرستي  ناقابل عمل آھي ان سان ڪڏھن به قوم جا ڏک دور نه ٿيندا.انجي ڪري ھيڏي وڏي طاقت ھوندي به پاڪستان ڪميونسٽ انقلاب نه آيو سوشلسٽ انقلاب نه آيو سنڌ جي ۽ بلوچن جي قومي آزادي جي تحريڪ ذريعي به انقلاب نه آيو صرف بنگلاديش جي ماڻھن ڀاشاني جھڙو مائوسٽ جيڪو ھڪ وڏو نظرياتي دانشور سھروردي جھڙو زبردست قسم جو اشسٽمنٽ  انھن انقلاب ڪونه آندو پر ھڪ آرنري پورو سارو پڙھيل شيخ مجيب جي اڳواڻي ۾ انقلاب آيو ڇو ته شيخ مجيب الرحمان معروضي حالتن سمجھندي پنھنجي معاشري جي تخليق ۽ تشڪيل ۾ ڪامياب ويو انڪري عوامي انقلاب آيو ته اھو بنيادي سوال آھي ته سنڌ به ھن وقت ان ڳالھ جي تقاضا ٿي ڪري ته آيا اسان عقيدي پرستي ۾ پاڻ سنڌي ماڻھو انھن پير مير سيد پيرن کي ھٿن کي چمي چمي چپن ۾ ڇالا پئجي ويا آھن. ٿيو ڪجھ ڪونه، جيڪو ڏسون ابا سيد آھي وڃو پيرن تي ڪرون ادا ھي ڦلاڻو مرشد آھي ته وڃو ان جا ھٿ چمون ان ۾ اسان پنھنجا نسل وڃائي ڇڏيا آھن پر اھي جيڪي نوان نوان سياسي پير پيدا ٿيا آھن جيڪي اڌ پڙھيل ٻه ٽي چار چوپڙيون لکيو ٻه ٽي ڪتاب لکيائون ھاڻي اھي جيڪي پويان پير آھن انھن کان به وڌيڪ پاڻ کي مڃائڻ ۽ پنھنجي پوئلڳي پيدا ڪرڻ ۾ آھن ته ماڻھو عقيدي پرستي جي بنياد تي انھن جي تقليد ڪن ، ماڻھو انھن کان سياسي عمل جو سوال نه پڇن، ماڻھُو انھن جي خراب ڪرتوتن تي نه ڳالھائين ماڻھو بس چپ ڪريو انھن جي آڏو ھٿ ٻڌيو بيٺا جيئي جيئي جا نعرا ھڻن انھي گھمرائي ۾ ستر سال سنڌ کي ھلايو ويو آھي ستر سال سنڌ کي انھي گھمرائي ۾ ڦاسائڻ جي ڪري اڄ سنڌ پنھنجي قومي وجود تي سواليه نشان بڻايو بيٺي آھي. پوءِ اھا عقيدي پرستي ڀلي پوءِ  ظاھري طور چوي ته آئون ڀٽي جو پوئڳ آھيان پر اھو ڀٽي جو پوئلڳ ڪونھي پر اھو آصف زرداري جي ھن حرامخوري اقتدار پرست مفاد پرست ۽ سنڌ جو وجود جو سوداگرن جو جيڪو ٽولو آھي  ھنن ٽي ھزار روپيه انڪم سپورٽ جي  خيرات جي پن جي پويان عوام کي لڳائي ڇڏيو آھي ته ادا ڪھڙو به آھي پر اسان کي ٽي ھزار روپيه ته ڏي ٿو. انھن سان قومي غيرت جي تقاضا ختم ٿي وئي آھي .  مڙئي شرم پرچائڻ جي لاءِ جيئي ڀٽو پر اسان وينداسين انھن ٽن ھزارن جي پويان  خيرات جي پن جي پويان نوڪري جي لالچ ۾ پويان وينداسين. ھي ڦلاڻو ايم پي اي ايم اين اي  ھن جوپي وزير مشير ھو ھاڻي اھو ڏاڍو مڙس آھي، متان سڀاڻي پوليس کان ٻڌائي مارائي ان خود ڊڄ ۾ اسان انھن کي ووٽ ڏينداسين اسان انھن سان پنھنجا سياسي رشتا جوڙيون ٿا.اسان پنھنجي سياست پنھنجي وطن سان تاريخ سان سچ سان قوم جي نجات سان نٿا جوڙيون جنھن ڪري اسان قومي گھمرائي م ورتل آھيون.
اسان کي ڪو ڪھڙا به لقب ڏي اسان کي ڪھڙن نالن سان ياد ڪري چوي ته اسان ڀاڙيا ٿي ويا آھيون چوي ته اسان خوفزده آھيون. چوي ته اسان ايجنٽ آھيون چوي ته اسان پنھنجو حوصلو وڃائي ڇڏيو آھي جيڪو به اسان کي لقب ڏنو وڃي اسان جي اکين تي آھي. اسان جو ان تي ڪوبه سوال ڪونھي اسان ھڪ ذميوار جي حثيت ۾ پاڻ کي سنڌي قوم جي آڏو احتساب لاءِ پيش ڪندي  اسان پنھنجو سياسي فڪر ۽ فلسفي جي بنياد تي  سڄي سنڌ کي گڏ ڪري منظم طريقي سان  سنڌ مٿان مڙھيل غلامي ۽ ذلتن کان آزاد ھڪ باوقار سنڌ بنائينداسين. جنھن ۾ سنڌي بحثيت قوم جي پنھنجي وطن جي مالڪ بنجندي.
 اڄ سنڌ ۾ تيل گئس ۽ ڪوئلو چپي چپي تي ملي ٿو پر آھي ڪنھن سنڌي غريب ھارياڻي پورھيت مسڪين يا ان جي پٽ کي اتي آفيسري جي نوڪري ناھي. جنھن به سرادر جي علائقي ۾ مان ملي ٿو اتي ان کي نوازيو وڃي ٿو غيبي ديري مان تيل نڪتو آھي ته اتي ان جو مالڪ چانڊين جو سردار ٿيو بيٺو آھي روز ڏھ ھزار ماڻھن جي پگھار ڪمپني کان وٺندو ٻيو جيڪو سو ڪمپني وارا ميڙي سيڙي وفاق کي پنھنجو حصو ڏئي باقي  پنھنجي ملڪ کڻي ويندا. جي گھوٽڪي مان معدنيات نڪري ٿي ته اتي مھر سردار ويٺا آھن جي لنڊن جي علائقي مان نڪري ٿي ته ان جو مالڪ لنڊن جو سردار آھي جي بدين مان نڪري ٿي ته مسٽر زرداري يا ڪوٻيو ان جو مالڪ آھي ائين اسان جي تيل گئس وسيلن جي لٽ مار قبضن جو سلسلو جاري آھي اسان جي ٻچن کي بکيو، تباھ، برباد، بدحال ڪري رکيو ويو آھي اھا حالت آھي  جو ٿر جي عورتن جسمن ۾رت جون نسون سُڪي ويون آھن مناسب  کاڌو نه ملڻ جي ڪري سندن ڇاتين ۾ کير ناھي جو جنم وٺندڙ ٻار کي پيارين نتيجي ۾ نه صرف ٻن ٽن ڏينھن جا معصوم ٻار تڙپي تڙپي مريو ٿا وڃن پر جنم ڏيندڙ مائرون به زندگي جي جنگ ھارايو ڇڏين حڪمرانن کي ڪا پراوه ڪانھي جڏھن ته انھي ٿر ۾ ڪوئلو نڪتو آھي چون ٿا جيڪڏھن اھو ڪوئلو صحيح انداز ۾ استعمال ڪيو ويندو ته ھي ھڪ ھزارسالن تائين سنڌ ۾ ڪوبه ماڻھو بکيو ڏکيو نه ھوندو.پر بدقسمتي اھا آھي ته اسان پنھنجي وسيلن جا مالڪ نه آھيون اسان ان شيءِ کي پنھنجو نٿا سمجھون
 ھي ڪارخانا انڊسٽريون سنڌ ۾ شوق ۾ نه لڳايون ويون آھن ڪنھن پنجاب جي پنڊي لاھور جي چوڌري فيصل آباد گجرات  جي چوڌرين اسان تي ٿورو ناھي ڪيو جيڪو چوي ٿو ته مون ھتي ھي ڪارخانو لڳائي سنڌ تي احسان ڪيو آھي
 انھن انھي ڪري ڪارخانو لڳايو آھي جو سنڌ کي خداتعالي سمنڊ جي زمين ٺاھيو آھي  ھي سمنڊ جو بندر  سنڌ ۾ آھي  ان ذريعي سڄي دنيا مان ڪچو مال گھرائجي ٿو مشينري گھرائجي ٿي اھا ان چوڌري کي پنجاب ۾ پڄائڻ ۾ ميھنگي ٿي پوي  وري اتان جيڪو مال ڪارخاني مان نڪرندو انکي وري ان وڪري لاءِ ڪراچي پورٽ تي ھن کي آڻڻو پوندو ھن ان پنھنجي نفعي کي نظر ۾ رکي سنڌ ۾ ڪارخانا لڳايا آھن ھتي پھرين سائيٽون ٺاھيون ويون پوءِ ڪوسٽل ايريا ٺاھيا ويا  پوءِ ايڪسپورٽ زون ٺاھيو ويو پوءِ حيدرآباد  سڄي ملڪ ۾ ڦلاڻا ڦلاڻا زون جوڙيا ويا.
 توھان اسان جي سرزمين تي ڪارخانا لڳايا آھن ڇا اتي اسان جي ٻچن کي روزگار ڪرڻ جو حق ناھي اسان جي ڪنھن ايم بي اي ، ايم پي اي، انجينئرنگ ، ڊاڪٽري پاس نوجوان کي ان فيڪٽري ان ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ نوڪري ڪرڻ جو حق ناھي  اھو صرف انھي ڪري ٿئي پيو جو اسان جا چونڊيل نمائيندا ڀاڙيا آھن ، چون ٿا ته ڪنھن ڳوٺ مان ھڪ ھمراه جو گذر ٿيو ته اتي ھن ڏٺو ته گدڙ چوطرف پيا ھلن ڪو ان جي تس ۾ منھن ھنيو پيو آھي ته ڪو ٿال ۾ منھن ھڻي ڪجھ کائي پيو ڪو کٽ تي ستو پيو آھي ته ھمراه کي وڏو تعجب ٿيو ته ھن ڳوٺ جي ھمراه کي سڏ ڪري چيو ته ڇا توھان جي ڳوٺ ۾ گدڙ ڪئين ڀيل ڪري رھيا آھن ان تي ان ھمراه چيو ته ادا گدڙ ڀيل تڏھن پيا ڪن جڏھن اسان جي ڳوٺ جا ڪتا ڀاڙيا ٿي ويا آھن. سو اسان جا ايم پي اي ايم اين اي انڪري چونڊيا ته اھي وڃي سنڌ جي حقن جي لاءِ ڳالھائين اسان جي ٻچن کي روزگار ڏيارين اسان انھن کي انڪري ووٽ ڏنو آھي ته اھي اسان کي صحت تعليم جون سھولتون ڏين، پر انھن اسان جو الھ تلھ جو سودو ڪري ھاڻي اسان جي وات جو گڙھ به کسي رھيا آھن
منھنجا ساٿيو
ھن سمورين حالتن کي سمجھڻ کان پوءِ به جيڪڏھن توھان پنھنجو رويو درست نٿا ڪريو پوءِ ڪنھن تي به ميار ڪانھي پوءِ تاريخ تي ميار نه ھوندي پوءِ قادر مگسي تي ميار نه ھوندي ته قادر مگسي اسان کي غلامي مان آزاد نه ڪرايو اسان کي حق نه وٺي ڏنو جيڪڏھن پاڻ کي خبر ھجي ته ھي بگھڙ آھي  ھي منھنجو ٻچو آئون ان جي حوالي ڪيان ته اھو ھن جي رکوالي ڪندو ته اھا بي عقلي آھي بگھڙ جو ڪم آھي کائڻ اھو ان جي رکوالي ڪئين ڪندو بگھڙ جي کائڻ کان پوءِ اسان انکي ٿڪ بجوڪنداسين ۽ گھرجي وڃي ڪنڊ ۾ روئينداسين ته ان سان ڇا ٿيندو.
 پ پ پ  ۽ مسلم ليگ جو ڪم اھو آھي جيڪو اسان گذريل سٺ سالن کان ڏسون پيا ھنن کي محل ٺاھڻا سي محل دبئي ڪراچي لاھور پنڊي ۾ ٺھندا پيا بيئنڪن جا اڪاونٽ ڀربا پئي. ھاڻي پاڻ تي ڇڏيل آھي ته پاڻ ڇا ٿا ڪريون غيرت جو رستو، عزت جو رستو پنھنجي حقن جو رستو ٿا وٺون، اسان کي غيرتن جو رستو وٺڻو آھي غيرتن جو رستو اھو آھي ته سنڌ اسان جي ماءُ آھي سنڌ ۾ جيڪو ڪجھ پيدا ٿئي ٿو ان تي سنڌين جو حق آھي  جنھن سنڌ سان غداري ڪئي آھي ان کي اسان پنھنجو نه سمجھنداسين. نه ان جو ڪو ساٿ ڏينداسين،
سنڌ اسان جي ماءُ آھي ان جي خلاف لنڊن وارو دھشتگرد الطاف  جنھن اسان جي نوجوان نياڻين کي نه صرف قتل ڪيوپر انھن جو عصمت دريون ڪري سندن لاش چوڪن تي اڇلايا، ھي بدترين دھشتگرد آھي  سڄي حيدرآباد ڪراچي ۾ سنڌين کي ڳولھي ڳولھي قتل ڪيو ويو اھو دھشتگرد لنڊن ۾ ويٺو آھي ۽ چوي ٿو ته سنڌ مون کي ٻه اڌ ڪري ڏيو، ان جي جيڪا ڪلاڪن جي بڪ آھي سا روز ٽي وي چينل پيا ڏيکارين ائين جي منھنجي تقرير رڳو ھڪ ڪلاڪ ڏيکارين ته آئون زرداري يا نوازشريف کان وڏو ليڊر ٿي وڃان پر منھنجي تقرير اھي ڪونه ڏيکاريندا ڇو ته انھن کي خبر آھي ته منھنجي تقرير ۾ سچ آھي منھنجي تقرير ۾ غيرت آھي، منھنجي تقرير پنھنجي وطن جو فڪر آھي، غريب عوام جو درد آھي اھا نه ڏيکاريندا. ڪا ڳالھ ناھي ڪا پرواه ناھي پاڻ گھرگھر وينداسين گھٽي گھٽي چوڪ چوڪ تي وڃي ماڻھن کي تيار ڪنداسين ائين پنج ڪروڙ انسان تيار ٿي جڏھن روڊن تي نڪري ايندا ته پوءِ ٻڌايو ڪير آھي ماءُ جو لال جيڪو اسان کان پنھنجي سنڌ کسي سگھي. اڄ انھي الطافڙو مھاجر جي نالي ۾ پنجانوي ھزار ووٽ کنيا آھن ان تي به مون کي شڪ آھي ڇو ته اسان اليڪشن کان اڳ ۾ پنھنجا خدشا پيش ڪري ڇڏيا ھئا ته ھي اليڪشن ايجنسيون ھٿ سان انھن کي کٽرائينديون اھا اسان پھرين پريس ڪانفرنس ڪري چيو ھو ته ھي ايم ڪيو ايم جي دھشتگردي کي صاف ڪري ان جي چھري کي سياسي چھرو ڪرڻ جي سازش آھي  ھي سيٽ انھن کي کٽرائي ويندي. ائين اصل سنڌ دشمن منصوبن تي ڪم ڪرايو ويندو ته  اليڪشن کٽڻ کان پوءِ جيڪو ھنن جو پھريون پيغام آيو آھي اھو ته سنڌ کي تقسيم ڪيو وڃي
اي الطاف ، اي ايم ڪيو ايم وارو ٻڌو،
 آئون اوھان سان مخاطب آھيان سنڌ ان وقت  وجود ۾ آئي جڏھن الله تعالي ھن ڌرتي کي تخليق ڪيو، سنڌ اسان جي ماءُ آھي سنڌ اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت آھي سنڌ ۾ ھن کان پھرين ڪيترائي ھلاڪو خان چنگيز آيا.سڪندر يوناني احمد شاھ عبدالي آيا، الگزيندر نادر شاھ آيو مدد خان پٺاڻ آيو شاھ بيگ ارغون آيو محمد خان تغلق آيو محمد بن قاسم جارج نيپئر آيا پاڪستان جا ايوب يحييٰ ضياءِ مشرف آيا پر سنڌ اسان جي ماءُ آھي اسان پنھنجي اوچي ڪنڌ سان لکين ڪروڙين يتيمن کي بي سھارن کي پناھ ڏيندي پنھنجي عزت وقار کي بحال ڪندي پنھنجي قومي وجود کي قائم رکندي پئي اچي ۽ ھي اسان جو قومي وجود ڪنھن خيرات ۾ ملندڙ ناھي نه ھي ڪنھن ڪوڙي ووٽ، ڪنھن اسٽبليشمنٽ جي آشيواد سان ناھي مليل اسان جي وڏن پنھنجي گرم رت سان ھن وطن جي حرمت جي حفاظت ڪئي آھي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪئي اوھان اڌ سنڌ جي ڳالھ ڪريو ٿا اسان ھڪ انچ به سنڌ جو ڪنھن کي ڏيڻ جي تيار نه آھيون مون کي يقين آھي ته پنج ڪروڙ انسان سنڌي مان جيستائين ھڪ به سنڌي زنده ھوندو ته وطن جي حفاظت لاءِ جدوجھد ۽ مزاحمت جاري رکندا. ته جيڪڏھن اوھان وٽ ڪو فارمولو ھوندو ته  پنج ڪروڙ انسانن کي ختم ڪري  ھي ھن ڌرتي کي تقسيم ڪري ويندا.ته  آئون توھان کي يقين ٿو ڏياريان  اسان جي ابن ڏاڏن جون ھڏيون آھن اھي به قبرن مان نڪري  اوھان جي خلاف  وڙھنديون رھنديون ھڪ ڏينھن به ھڪ رات به اھڙي نه ايندي جو توھان تقسيم شده سنڌ ۾ سڪون سان ويھي سگھندو
آئون اسلام آباد جي اسٽبليشمنٽ کي راحيل شريف ۽ نواز شريف کي واضع پيغام ڏيڻ ٿو چاھيان ته اوھان اھي نغما نه ڳايو ته اوھان سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي ڪچلڻ جي لاءِ اوھان شھري دھشگرد پيدا ڪرڻ جي لاءِ جيڪا مافيا پيدا ڪري رکي آھي اوھين نسل پرستي جي بنياد تي سنڌ کي تقسيم ڪري رھيا آھيو ڪڏھن پختونن جي شڪل ۾  ڪڏھن مھاجرن جي شڪل ۾ ڪڏھن پنجابي بلوچن جي شڪل ۾ اوھان نسل پرستي جي روپ ۾ نفرتن جي ديوار کڙيون ڪري اوھان سمجھو ٿا ته سنڌ   جو مينڊٽ کي تقسيم ڪندا. سنڌ جي قومي آزادي ۽ حق خودارديت جي تحريڪ کي ڪمزور ڪري ويندا.۽ اسان ھميشه ڪامياب ٿي وينداسين اھا اوھان جي ڀل آھي ھي نه سمجھو ھي جيڪو اڄ مھاجر صوبي جو نعرو لڳايو پيووڃي  اھو اوھان جون ايجنسيون چون پيون ته اھي بين الاقوامي ايجنٽ آھن ڪنھن غيرملڪي آقا جي مفادات جي لاءِ ڪم ڪن پيا جيڪڏھن توھان سنڌ جي کي انتظامي طور ڪو صوبو ڪا ڊويزن ٺاھي انھن کي ڏيندا ته اوھان کي آئون اھو واضع ڪريان ته اھو ٽڪرو ڪڏھن به پاڪستان جو حصو نه رھندو اھو پاڪستان ٽوڙي جناح پور يا مھاجرستان ٺاھيو ويندو. اھا اوھان مٿان اخلاقي ذميواري ٿيندي ته 1940 جي قراداد تحت سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي انھي قراداد تحت ھي پاڪستان وجود ۾ آيو آھي جيڪڏھن ڪو بين الاقومي ايجنٽ به اسان جي وطن جي تقسيم جي سازش ڪري ته اوھان تي اھا اخلاقي  ذميواري آھي سياسي قانوني ذميواري آھي ته اوھان اسان جي وطن جي حفاظت جي لاءِ سنڌ جي ھنن پٽن جو ساٿ ڏيو ۽ سنڌ کي مستحڪم رکڻ جي جدوجھد ۾ اوھان سنڌين سان گڏ بيھو. ائين نه ٿئي سڀاڻي ملڪ کي پوائينٽ آف نو رٽرن تي موڪليو وڃي پوءِ ڪجھ به نه بچندو
منھنجا ساٿيو
پنھنجو عزم آھي ته پاڻ ھن وطن کي بچائينداسين
ايس ٽي پي جو عزم آھي وطن جي وحدت کي قيامت تائين سلامت رکڻ لاء رت جو آخري ڦڙو قربان ڪنداسين.
ھاڻ سياست ۾ ھڪ فيشن اچي ويو آھي ( 6 منٽي فيشني) ھر ماڻھو ڪا به ڳالھ ٿيئي ابا الطاف اعلان ڪيو آھي قوم پرست ڇا پيا ڪن گهر ويٺا آھين ڇا ڪن پستل کڻي پنهنجي نرڙ جي پٽي تي ھڻن ڇا؟ الطاف سنڌ ورھائيندو اسان پاڻ کي ماريون ٿا.
اڙي عقل جا انڌا ھي ھڪڙي ريلي ڪڌي چار ٽپا ڏيڻ سان 6 ڪلاڪ جي ھڙتال سان ڇا الطاف صوبي تان ھٿ کڻي ويندو ؟ ھي ھڪ سنجيدھ ويڙھ آھي او دانشورو، او قلمڪار، او ڇھ 6 منٽي ٽيدي ڪامريد ھي جيڪا آھي ھڪ سنجيدھ جدوجهد جي ويڙھ آھي ڊگهي وقت جي ويڙھ آھي ان لاء قوم کي ترقي پسند پارٽي ٿي نه، پيپلز پارٽي ٿي نه، مسلم ليگ ٿي نه، ڪا تحريڪ ٿي نه سنڌي قوم کي سنڌي قوم بنجي منظم ٿي ھنن جي خلاف صف بندي ڪري آخري شڪست تائين پاڻ مڃائڻو پوندو سياسي ٽپن سان ڪجه نه ٿيندو، سو سنڌ بچائڻ لاء اھي جيڪي ڀولڙي وارا ٽپا آھين ڪم نه ڏيندا. چون ٿا ته ھڪ شينھن بيمار ٿي پيو سو شينھن جھنگل جو بادشاھ بيمار ٿيو ته ڊاڪٽر ڪٿان اچي سو ھڪ ڀولڙي چيو ته آئون ڊاڪٽر آھيان شينھن جوعلاج ڪندس ، ان ڀولڙي کي وٺي آيا ھن ڪيڏي مھل ڪن رکي شينھن جي وات وري ٽپ ڏيو وڻ تي چڙھي وري ھيٺ لھي چي شينھن جي ٽنگ کي لوڏي وري ٽپ ڏيو وڻ تي چڙھي اھو سلسلو ھلندو رھيو ڪلاڪ ٻن کان پوءِ شينھن مري ويو ته سڀني چيو ته ابا ھي ڇا ڪيئي شينھن کي ماري ڇڏئي ته ڀولڙي چيو ته زندگي رب جي ذات جي ھٿ ۾ آھي باقي اوھان ڏٺو ڪونه پئي ته وسان مون به ڪونه گھٽايو. ٽپا مون به قھر جا ڏنا ،
سو ھي جيڪي ڀولڙي وارا ٽپا آھن سي سنڌ کي ڪونه بچائي سگھندا. سنڌ بچائڻ لاء سياسي عمل جي ضرورت آھي تون سنڌي آھين مان مگسي نه آھيان مان سنڌي آھيان، تون چانديو نه آھين سنڌي آھين، تون عورت نه آھين تون سنڌي آھين ، تون مرد نه آھين سنڌي آھين جڏھن ايئن سڄي سنڌي قوم گڏجي اعلان ڪري ته ھي ڌرتي اسان جي ماءُ آھي جيڪو به ھن ڌرتي جي خلاف قدم وڌائيندو ان جي ڄنگھ ڪو نه ھوندي ، جيڪو زبان کوليندو ان جي ان جي زبان ڪٽي ويندي جيڪو لٺ کڻي اڳتي وڌندو ان جي ٻانهن ڪرائي کان ڪٽي ويندي ايئن جڏھن سنڌي قوم غيرت جو مظاھرو ڪندي تڏھن پاڻ وطن بچائي سگهنداسين ۽ يقين رکو  منھنجو وچن آھي ھن قوم سان ھن ڌرتي سان ته وطن جي بقاءِ جي جنگ ۾ قادرمگسي 88وانگر اڳواڻي ڪري قوم کي زنده رکڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو .  باقي ھي جيڪي به ڀولڙي وانگر خواب ڏسن پيا ڀلي ٽپا ڏين 
ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين جڏھن خلق نڪرندي رودن تي ته دامادم مست قلندر ٿيندو سنڌ جا ويري قبر ۾ ويندا يا سمند ۾ ٽپا ڏيندا ۽ جيڪي اڙدو ڳالهائين ٿا سنڌ کي پنھنجي ماءُ سمجھن ٿا ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين انھن جا اسين محافظ بنجنداسين انھن کي چئون ٿا ته الطاف ۽ ان جي دھشتگرد ٽولي کان نه دڄو اسان اوھان جي اوھان عزتن جي حفاظت ڪنداسين. الطاف جا ٽرينگ يافته دھشتگرد ڪنھن کي ماري سگھندا، ڪنھن معصوم ھٿين خالي انسان کي ڪنھن راھ گذر کي پوءِ جڏھن انھن کي ٻه چماٽون ٿيون لڳ ته ياد حافظ وانگر سڄي ڏھن سالن جون ڪھاڻيون به ٻڌائيندا پيا ويندا آھن
ھي ڪھڙي اسان سان جنگ جي ميدان ۾ جنگ ڪندا . 1996  ۾ جڏھن ٻورين ۾ بند لاش پيا ڏيندا ھئا ان وقت اسان ڪراچي جي گھٽي گھٽي ۾ وڃي للڪاريو ته اسان صرف پنج ھزار ماڻھو آيا آھيون اسان مان ڪنھن کي ماري ٻوري ۾ لاش بند ڪريو ڀلا. ھي ڪيترا مڙس ماڻھو آھن اھا اسان کي خبر آھي اھي صرف پنھنجي ساٿين کي ماري سگھن ٿا. لڪي لڪي معصومن کي ماري سگھن ٿا پر جنگ جي ميدان ۾ ھي ڇا وڙھندا، ھنن جا ھڪ سئو دھشتگرد ۽ اسان جو ھڪ سنڌي نوجوان ميدان ۾ آيو ته ھي جتيون ڇڏي ڀڄي ويندا.
سنڌ زنده باد   انقلاب زنده باد  ايس ٽي پي زنده باد